ڀلي ڪري آيا
Wikipedia طرفان
وڪيپيڊيا هڪ اهڙو کليل ڄاڻ چيڪلو آهي جيڪو هن جي پڙهندڙن جي مدد سان لکجي رهيو آهي. هي سائيٽ هڪ ويڪي آهي جنهن جو مطلب آهي ته هن ۾ ڪو به ترميم يا پنهنجي ڄاڻ آهر تبديلي ڪري سگھي ٿو. صفحي جي مٿا ترميميو تي ڪلڪ ڪري اوهان ڪا به ترميم ڪري سگھو ٿا.
وڪيپيڊيا تي ڄاڻ
وڪيپيڊيا تي هر قسم جي مختلف عنوانن تي ڄاڻ موجود آهي. اوهان مُک صفحو تي وڃي پنهنجي پسند جو ڪو به مضمون پڙهي سگهو ٿا. هر صفحي تي پاسي ۾ ڳوليو جو خانو پڻ ڏنل آهي. جيڪڏهن توهان کي ڪو به مضمون پسند يا ناپسند اچي ته ان جي بحث واري صفحي تي اوهان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگھو ٿا. اسان کي توهان جا تاثرات پڙهي خوشي ٿيندي.
ترتيب ۽ ترميم
وڪيپيڊيا تي ڪو به ڪنهن به صفحي تي ترميم ڪري سگهي ٿو. ترميم ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهجو کاتو کولڻ جي به ضرور نه آهي. پر اسان کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهان ڪجھه به ڪرڻ کان اڳ پنهنجو کاتو کولي لاگ اِن ٿيندا ته جيئن اسان کي خبر پئجي سگھي ته اها ڀاڱيداري اسان جي ڪهڙي مهربان دوست جي آهي. تنهن کان سواءِ پنهنجو کاتو کولڻ جا ڪيترا ئي فائدا پڻ آهن. جهڙوڪ:
- پنهنجي کاتي ۾ لاگ ان ٿي ڪن ڪرڻ سان ٻيا توهان جي آءِ پي پتو ڏسي نه سگھندا.
- توهان پنهنجو يوزر صفحو ٺاهي سگھندا.
- توهان نوان صفحا متعارف ڪرائي سگھندا.
- توهان وڪيپيڊيا تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي سگھندا.
- توهان اهڙن صفحن کي به ترميمي سگھندا جيڪي نيم تحفظيل آهن.
ترميم ڪرڻ کان پوءِ تبديليون سانڍڻ کان اڳ هڪ ڀيرو پيش نگاهه تي ضرور نظر وجھندا ته جيئن سانڍڻ کان اڳ ئي ڪا امڪاني غلطي درست ڪري سگھو.
پڻ ڏسندا
وڌيڪ معلومات لاءِ ڪپوس ۽ امدادي صفحو ڏسندا.