صنم بلوچ
Wikipedia طرفان
[سنواريو] تعارف
صنم بلوچ پنهنجي شوبز ڪيريئر جي ابتدا پهرين سنڌي اپگرهي چينل ڪي ٽي اين جي پروگرام صنمس سمال روم سان ڪئي. اهو ئي پروگرام سندس تمام گھڻي شهرت جو سبب بڻيو. صنم کان سواءِ صنم جا ڀائر فرحان بلوچ ۽ عمران بلوچ، ڀيڻيون سبرين هيسباڻي، ماهين هيسباڻي، ۽ والده ماريه بلوچ پڻ ڪي ٽي اين جي مختلف پروگرامن ۾ ڪم شروع ڪيو. مبينه طور سندن خاندان جا تعلقات ڪي ٽي اين جي انتظاميه سان خراب ٿي ويا، جنهن کان پوءِ صنم توڙي سندس خاندان جي مڙني فردن جا پروگرام اچانڪ ڪي ٽي اين تان نشر ٿيڻ بند ٿي ويا. چوٻول اهو ٿيو ته صنم بلوچ جي ڪي ٽي اين جي مالڪ علي قاضيءَ سان شادي ٿي چڪي آهي، جنهن جي تصديق يا ترديد نه ٿي سگھي آهي. ڪجھه عرصي بعد صنم ڪي ٽي اين تي ڏيئو نالي هڪ ٻي پروگرام ۾ ظاهر ٿي، جيڪو صنمس سمال روم کان بنهه مختلف هو.
[سنواريو] حال
هن وقت صنم بلوچ ڪنهن به چينل تي ڪو به ڪم نه ڪري رهي آهي.