سگمنڊ فرائيڊ
Wikipedia طرفان
نفسيات جو ابو، سگمنڊ فرائيڊ 6 مئي 1856ع ۾ فرائيڊ فرائي برگ موراويا ۾ پيدا ٿيو. ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ پنج هزار کن جرمن ۽ چيڪ باشندا آباد هئا. فرائيڊ جي ماءُ جي نالو اميليا ناٿن ۽ سندس پيءُ جو نالو جيڪب فرائيڊ هو. فرائيڊ نفسيات جي علم ۾ تمام اوچو مقام رکي ٿو، کيس نفسيات جو ابو سڏيو ويندو آهي.
فرائيڊ جا پيش ڪيل نظريا سڄي دنيا ۾ متنازعه ترين رهيا، خاص طور سندس نظريو ”اڊيپس ڪامپليڪس“ تمام گهڻو متنازعه رهيو. پر اڳتي هلي سندس جوڙيل اصطلاح ۽ نظريا ادب توڙي سائنس جي دنيا ۾ عام جام استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور: ايڊيپس ڪامپليڪس، ٻيائي، ايروس، خود اذيتي، جنسي نظريا، لاشعور، نيم شعور، انا، فوق الانا، اڊ، لبيڊو ۽ ٻارن جي نفسيات وغيره.
ماڻهن جي نظر ۾ فرائيڊ ان ڳالهه جو مجرم هو ته هن کي هر شَي ۾ صرف جنس ئي نظر اچي ٿي. جڏهن ته فرائيڊ جو چوڻ هو ته ورثي ۾ مليل جبلتن کان وڌيڪ آسپاس جون حالتون انسان تي وڌيڪ اثرانداز ٿين ٿيون، جبلت توانائي جو هڪ اهڙو ذخيرو آهي جيڪو اخراج جي راهه تلاش ڪرڻ لاءِ بيتاب رهندو آهي. اهڙي توانائي جسم ۾ هڪ قسم جي بيچين ڇڪ پيدا ڪندي آهي ۽ ان ڇڪ جو آخري پورائو هڪ قسم جي تسڪين هوندو آهي.
فرائيڊ کائڻ، پيئڻ ۽ کنهڻ وغيره لاءِ جنس جو اصطلاح استعمال ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ لفظ جي اهڙي استعمال مان مراد جنسي لطف ورتي ويندي هئي ان ڪري ڪافي مونجهارن جنم ورتو. ممڪن آهي ته فرائيڊ اهڙن سڀني عملن جي گهرائي سبب ان کي جنسي عمل چوڻ تي مجبور ٿيو هجي.
فرائيڊ لاءِ چيو ويندو آهي ته هن کي پنهنجن نظرين تي اختلاف راءِ ۽ آزادانه بحث سخت ناپسند هئا. پر اصل ۾ هن جو رويو بلڪل ابتڙ ۽ ٻاجهاري شخص وارو هوندو هو.
فرائيڊ جي نظرين معاشري جي سڀني شعبن کي متاثر ڪيو، جهڙوڪ سائنسي ادب، شاعري، ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، فلمون، سوانح حيات، تاريخي ادب، آرٽ، مصوري، مجسمه سازي، تعليم، سماجي سائنس وغيره. هن جي نظرين جو هاضمو نه ڪري سگهندڙن يا هن جي سطحي تنقيد نگارن کيس لوئڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڊي ايڇ لارنس، فرائيڊ کي جنسي شعور جي پيدائش جو مجرم قرار ڏنو، هن جو چوڻ هو ته ”فرائيڊ کي ان ممنوع حد ۾ داخل نه ٿيڻ گهرجي ها، اهڙين ڳالهين تي پردا رهڻ گهرجن. آدم ۽ حوا ان ڪري جنت مان نه ڪڍيا ويا جو انهن هڪٻئي جا جنسي عضوا ڏسي ورتا هئا بلڪه ان ڪري ڪڍيا ويا جو انهن کي عضون جي استعمال جي خبر پئجي وئي.“ هن جا مخالف سندس نظرين کي ”ويانا جي غليظ يهودي جا غليظ نظريا“ چوندا هئا.
1930ع کان پوءِ جڏهن فرائيڊ جي مڃتا ۽ قبوليت ۾ واڌارو آيو ته هن جا نظريا جزوي طور قبول ڪيا ويا. ان زماني کي فرائيڊ جو دور چيو ويندو آهي.
فرائيڊ کي ويانا ڏاڍو عزيز هو، جنهنڪري هن ويانا ۾ نازين جي داخل ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي سڀني ساٿين جي صلاح مڃڻ کان انڪار ڪندي ويانا مان فرار ٿيڻ کي رد ڪري ڇڏيو. نازين نيٺ فرائيڊ جي لائبرري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان وقت جي سائنسي دنيا خوفزده هئي ته ڪٿي فرائيڊ نازين هٿان گرفتار نه ٿي وڃي.
يونان جي شهزادي ميري نازين کي ڏهه لک شيلنگ ادا ڪري آمريڪي صدر روز ويلٽ جي ذريعي فرائيڊ کي نازين کان بچائي ورتو. فرائيڊ زندگي جا آخري ڏهاڙا لنڊن ۾ گذاريا. نيٺ هن جي سورهن سالا پراڻي بيماري سرطان لاعلاج ٿي وئي ۽ 23 سيپٽمبر 1939ع ۾ هن جو انتقال ٿيو. هن جو لاش نذر آتش ڪيو ويو ۽ ٻاويهه سو سال پراڻي واز ۾ محفوظ ڪئي وئي.
فرائيڊ، انسانيت جو عظيم محسن آهي. نفسيات جي علم جي ترقيءَ سبب ڪيترن ئي بيمارين جا علاج ممڪن ٿي سگهيا ۽ وهمن، وسوسن، ماليخوليائن ۽ فوبيائن کان پاڪ هڪ صحتمند معاشري جو بنياد وجھڻ ۾ مدد ملي.
[سنواريو] حوالا
* ڪتاب ”سگمنڊ فرائيڊ، ليکڪ تورا ڪينه قاضي، سنڌي ترجمو: ظفر