Web Analytics Made Easy - Statcounter

See also ebooksgratis.com: no banners, no cookies, totally FREE.

CLASSICISTRANIERI HOME PAGE - YOUTUBE CHANNEL
Privacy Policy Cookie Policy Terms and Conditions
سنڌ - Wikipedia

سنڌ

Wikipedia طرفان

سنڌ
سنڌ

فهرست

تعارف

1845ع ۾ برطانوي فوج ۽ سنڌ جي مير حڪمرانن درميان دٻي جي مقام تي جنگ لڳي، جيڪا مير حڪمران هارائي ويٺا ۽ سنڌ پنهنجي آزاد ملڪ واري حيثيت وڃائي انگريزن جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي وئي. ٻين عالمي جنگ جي اختتام کان ٿورو ئي پوءِ برطانوي سرڪار 1947ع ڌاري سنڌ وطن کي هڪ آزاد ديس جي حيثيت ۾ ڇڏڻ بدران پاڪستان جي بيٺڪ بنائي ڇڏيو ۽ هن وقت تائين سنڌ جو ملڪ پاڪستان جي قبضي هيٺ آهي.


تاريخ

سنڌ جو پهريون شهيد

سنڌ جو اوائلي ترين دور جيڪو تاريخ ۾ محفوظ آهي سو راجا ڏاهر جو دور آهي، جنهن ۾ هن عرب ڦورو قبيلي کان جنگ هارائي شهادت ماڻي. ان ڪري ئي اڪثر سنڌ جا سڄاڻ راجا ڏاهر کي سنڌ جو پهريون شهيد مڃين ٿا. ان عرب ڦورو قبيلي جي اڳواڻي محمد بن قاسم ڪري رهيو هو، جنهن کي فتح بعد ڪتي جو موت مليو. عربن جي انتهائي طاقتور عراق سلطنت سنڌ جي آزاديءَ تي ڪيترا ئي حملا ڪيا، جن جي ابتدا اسلام جي چوٿين خليفي عثمان جي دور کان ٿِي.

اسلام جو ڦهلاءُ

عربن جي فتح بعد سنڌ جي هارايل ملڪ کي ۽ ان جي سمورن وسيلن کي عربن پوريءَ طاقت ۽ وس آهر لٽيو. ان کان سواءِ سنڌي ماڻهن کي ڏاڍ ۽ جبر سان مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ آيل عرب ڦورُن نه رڳو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي بلڪه کانئن سنڌي نياڻين جي لڄالُٽَ جهڙا ڪڌا ڪم پڻ سرزد ٿيا. جيتوڻيڪ عربن جي تسلط کان ته سنڌ پاڻ ڇڏائي وئي پر اسلام جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙا اڄ به جاري آهن ۽ پنجاب جا ماڻهو ۽ ٻيون سنڌ دشمن قوتون اسلام جون ٺيڪيدار بڻيل آهن.

سنڌ جا ڳڀا ڳڀا

هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجستان سان. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي نصير آباد ڊويزن کي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ايراضي گھٽبي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون زورن تي آهن. تازو ئي سنڌ جي نام نهاد بي اختيار وڏي وزير ارباب رحيم ڪراچيءَ جي 20 هزار ايڪڙ زمين پاڪستاني فوج جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڪستاني حڪومت سنڌ جا ٻه ٻيٽ دبئيءَ جي خانگي ڪمپني امار کي وڪڻي ڇڏيا آهن.


aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr - ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - en - eo - es - et - eu - ext - fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz - ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky - la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn - na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt - qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl - ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh - yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu -