مڇيءَ جا ڪواب
Wikipedia طرفان
[سنواريو] تعارف
[سنواريو] ترڪيب
هيٺيون گھربل شيون تيار ڪري رکو:
- مڇي اڌ ڪلو
- ڊبر روٽيءَ جا سلائيس
- بصر هڪڙي ڳنڍ
- ٿُومَ جو پائُوڊر هڪ چانهه جو چمچو
- گرم مصالحو هڪ چمچو
- سُڪَل روٽي
- ادرڪ جو پائوڊر هڪ چمچو
- ڪوتمير
- لُوڻ
- ساوا مرچ ٻه عدد
- بيدا ٻه عدد
- تيل هڪ پاءُ لٽر
[سنواريو] طريقو
- هڪڙي هنڊيءَ ۾ ڳچ پاڻي ڀري چلهه تي رکو.
- مڇيءَ کي پرڻ ۾ رکو ۽ پرڻ کي هنڊيءَ تي رکو.
- چلهه چالُو ڪريو.
- مڇي ڳري وڃڻ کان پوءِ چلهه بند ڪريو.
- تيسين ساون مرچن کي ڪُتريو.
- سُڪَل روٽيءَ کي ڪُٽي چورو ڪريو.
- هاڻي بصر جي ڳنڍ کي سنهو ڪٽيو.
- روٽيءَ جي چئن سلائيسن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ۽ پوءِ نپُوڙيو.
- بيدن کي ٽوڙي انهن جي اڇاڻ کي هڪ پياليءَ ۾ وجھو، جڏهن ته ٽڪيون الڳ ڪري ڇڏيو.
- ڪوتمير کي سنهو ڪُتريو.
- هاڻي مڇي ڳري چڪي هوندي، چلهه کي بند ڪريو ۽ مڇيءَ کي ڪنهن ٿانو ۾ رکي ڪُٽيو.
- هاڻي مڇيءَ ۾ لوڻ، ڪُتريل ساوا مرچ، ڪوتمير، ۽ ادرڪ جو پائوڊر ملايو ۽ چڱي نموني مڪس ڪريو.
- هاڻي ٿوري ٿوري مڇي کڻي ان جا گول ڪواب ٺاهي هڪ پليٽ ۾ رکندا وڃو.
- هاڻي چلهه تي فرائڱ پان رکو.
- فرائڱ پان ۾ تيل وجھو.
- مڇيءَ جي ڪوابن کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ٻوڙي فرائڱ پان ۾ وجھي تريندا وڃو.
- مڇيءَ جي ڪوابن کي سڙڻ کان اڳ فرائڱ پان مان ڪڍڻ نه وساريندا.
- فرائڱ پان مان ڪڍي پليٽ ۾ رکندا وڃو.
- هاڻي وڃي کائو.